هالينڊ جي ڪابينه مسلمان عورتن جي نقاب ٻڌڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، نقاب پائڻ غير قانوني قرار

وڪي اخبار کان
نقاب پهريل مسلمان عورتون

17 نومبر 2006

هالينڊ جي ڪابينه مسلمان عورتن جي نقاب پائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب نقاب پائڻ هالينڊ ۾ هاڻ غيرقانوني بڻجي ويو آهي.

اهڙي تجويز هالينڊ جي اميگريشن جي وزير ريٽا وردنڪ ڏني جيڪا پنهنجي سخت پاليسين سبب ڪافي مشهور آهي.

ان پابندي کان پوءِ گهٽين، ريل گاڏين، بسن، تعليمي ادارن، عدالتن سميت عوامي جاين تي نقاب پائڻ غيرقانوني بڻجي ويو آهي. چيو ويو آهي ته نقاب سان نضم و ضبط، شهري زندگي ۽ سيڪيورٽي انتظام متاثر ٿين ٿا.

ذريعا