هاڻوڪا واقعا

وڪي اخبار کان
  بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جٽڪا، 41 ڄڻا مارجي، 68 کان وڌيڪ زخمي....رپورٽ: زبير زرار منگي...29 آڪٽوبر 2008...اپڊيٽ ٽائيم....9.صبح 
  
بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت الهندي وارن علائقن پشين، زيارت، پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب 41 کان وڌيڪ ماڻهو فوت 68 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

بلوچستان جي ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پَشِين،گنداواه، ڀاڳ ناڙي، لورالائي، تويا اَچڪزئي ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پشين ۾ گهر ڪرڻ سبب هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا .

 زيارت ضلعي جي ڊي سي او ۽ ڊي پي او هائوس ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته زيارت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ جبلن تان ڇپون ڪرڻ سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ اتي 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ان بابت تصديق نه ڪئي وئي آهي.

زيارت ۾ امدادي ڪارڪنن پاران کوٽائي دوران 15 لاش هٿ آيا آهن جڏهن ته وڌيڪ ڪيترن ئي گهرن جي کوٽائي جاري آهي، جنهن لاءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مرندڙن جو تعداد وڌي سگهي ٿو. زيارت ضلعي ۾ زخمين جو تعداد وڌي 50 ٿي ويو آهي، جن کي زيارت اسپتال سميت ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي سي ايم سيڪريٽريٽ پهچي زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ صوبي جي تمام ڊي سي اوز کي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن. ڪوئيٽا جي بولان ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۽ سول اسپتال سميت بلوچستان صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي کي هنگامي بنيادن تي طلب ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب وڌيڪ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري زلزلي متاثر خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي حڪومتي اختيارين کي فوري طور امدادي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.


بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جٽڪا، 19 ڄڻا مارجي، 23 کان وڌيڪ زخمي....رپورٽ: زبير زرار منگي...29 آڪٽوبر 2008...اپڊيٽ ٽائيم....7.45 صبح

     بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت پشين، چمن،  پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب 19 ڄڻا فوت ۽ 23 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته بلوچستان جي وڏي وزير زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پَشِين،گنداواه، ڀاڳ ناڙي، لورالائي، تويا اَچڪزئي ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. پشين ۾ گهر ڪرڻ سبب ٽي فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن،جڏهن ته زيارت واري علائقي ۾ گهر ڪرڻ سبب هڪ فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.

 سي سي پي او ڪوئيٽا صلاح الدين دعويٰ ڪئي آهي ته زلزلي سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.
زيارت ضلعي جي ڊي سي او ۽ ڊي پي او هائوس ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته زيارت ضلعي جي مختلف علائقن مان 15 لاش هٿ آيا آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي زلزلي سٽيل علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عملي کي هنگامي بنيادن تي طلب ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب وڌيڪ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي.


بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا...رپورٽ: زبير زرار منگي..29 آڪٽوبر ..صبح 6 وڳي..

  ڪوئيٽا، پشين، چمن، پاڪ افغان سرحدي علائقن سميت ٻين شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن.

ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ڪوئيٽا، چمن، قلعه عبدالله، قلات، پشين ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلي جي جهٽڪن دوران بجلي بند ٿي وئي ۽ رهواسي خوف وچان گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. ٻڌايو پيو وڃي ته زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، سيراب روڊ تي گهر ڪرڻ سبب 3 ڄڻا زخمي، جڏهن ته وڌيڪ نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 5 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوه چِلتن ٻڌايو پيو وڃي.


لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني، واپارين پاران شٽربند هڙتال جو سڏ...زبير زرار

لاڙڪاڻو سٽي فيڊريشن جي اڳواڻن قانون جي صوبائي وزير اياز سومرو، آر پي او سکر ۽ ٻين جي اپيل کي رد ڪندي چيو آهي ته اڄ هر صورت ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي. لاڙڪاڻي مان سونارن کان 80 تولا سون ڦر ٿيڻ واري واقعي خلاف صرافا ايسوسئيشن پاران گذريل 4 ڏينهن کان هڙتال جاري آهي، جڏهن ته سٽي فيڊريشن اهڙي هڙتال جي حمايت ڪندي اڄ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو هو. صوبائي وزير محمد اياز سومرو، آر پي او سکر محمد رمضان چنا، ڊي سي او عبدالعزيز عقيلي ۽ پ پ اڳواڻن جو قافلو سٽي فيڊريشن جي آفيس پهچي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سٽي فيڊريشن جي اڳواڻن عبدالستار شيخ، هادي بخش شيخ ۽ ٻين صوبائي وزير کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو ضلعو بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيوآ هي، ڦر ۽ اغوا جون واداتون معمول بڻيل آهن ۽ شهري عدم تحفظ جو شڪار آهن. صوبائي وزير اياز سومرو اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته شٽر بند هڙتال جو ڏنل سڏ واپس ورتو وڃي، جڏهن ته سونارن کان ڦر ٿيل سون واپس ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سٽي فيڊريشن اڳواڻن اهڙي اپيل کي رد ڪندي چيو ته شهر ۾ امن امان جي بحالي ۽ ڦر ٿيل سون جي واپسي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.


حيدرآباد ۾ قتل جي وارڌاتن ۾ واڌ....قتل جي جاچ بابت انڪشاف

حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ال آمنا ڪامپليڪس ۾ نويد شيخ واري قتل ڪيس ۾ وڏا ڦاٽ ڦاٽا آهن ۽ نوجوان جي قتل ڪيس ۾ هڪ نرس ۽ هڪ اردن جي شهري سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مڪي شاهه پوليس مارجي ويل 24 ورهين جي نويد شيخ جي والد بشير احمد شيخ جي فرياد تي اردن جي رهواسي محمد، سول اسپتال حيدرآباد جي نرس شگفتا انصاري ۽ سندس ڀاءُ شعيب تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آهي. مقتول جي پيءُ بشير احمد شيخ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته شگفتا انصاري بئراج ڪالوني سکر جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي جتي نويد شيخ کي ساڻس پيار ٿي ويو ۽ ڪجهه عرصو اڳ هوءَ پنهنجي مائٽن سان گڏ حيدرآباد هلي وئي جتي محمد نالي اردن جي رهواسي سان سندس واسطو ٿيو. هن چيو ته محمد سندس پٽ کي فون تي ڌمڪيون پڻ ڏنيون جنهن بعد هن شگفتا سان ڳالهائڻ گهٽائي ڇڏيو هو. بشير شيخ چيو ته شگفتا انصاري 3 ڏينهن اڳ نويد شيخ کي فون ڪري سکر کان حيدرآباد گهرايو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. هن چيو ته پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي ۽ پوليس جي چوڻ موجب ته انهن ٻن جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدار ظاهر ناهن ڪيا ويا...


شڪارپور ضلعي ۾ انسانيت دشمن جرڳو...رپورٽ: زبير زرار منگي

 ڪوٽڏيجي ويجهو پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي جرڳي دوران ڪارو قرار ڏيئي قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نوجوان جي پيرسن ماءُ ۽ ڀيڻ کي ناري جي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ رستم ۾ مهر ۽ پنهور برادري جي چڱن مڙسن وچ ۾ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ حسين آباد جي رهواسي اسد الله پنهور ۽ ناري سوڀيا مهر کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي فتويٰ پڻ جاري ڪئي وئي. جرڳي ۾ نوجوان اسد الله پنهور جي پيرسن ماءُ سارا پنهور ۽ سندس 16 ورهين جي ڀيڻ عذرا کي ڏنڊ عيوض مهرن حوالي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته نوجوان ناري نه موٽائي وئي ته سندس نوجوان جي ماءُ ڀيڻ ڏنڊ طور مهر برادري کي پرڻائي ڏنيون وينديون. جرڳي دوران مهرن پاران پنهور برادري جي اغوا ڪيل مسمات اقبال بانو زال حبدار پنهور کي پڻ مائٽن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ايس پي جاچ خيرپور اڪبر وڳڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اهڙي قسم جي جرڳي بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهور برادري جي اغوا ڪيل اقبال بانو جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار نصرالله مهر کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.

ا