Portal:سنڌ
وڪي اخبار کان
تازه ترين خبرون
- 1 آڪٽوبر 2009: ٻيٽن جي وڪري سان سنڌ کي ڪوبه نقصان نه آهي حڪومت صوبي جي ڀلائيءَ لاءِ سيڙپ جو ماحول ٺاهيو، گورنر عشرت العباد
- 18 ڊسمبر 2007: سنڌ گورنمينٽ طرفان حيدرآباد ۾ برساتن سبب آيل تباهيءَ لاءِ ٻه سو ڪروڙ منظور ڪيا آهن، صحت جو صوبائي وزير
- 29 ڊسمبر 2006: سنڌ ۾ هن سال 475 عورتن کي قتل ڪيو ويو، عورت فائونڊيشن پاران ظاهر ڪيل انگ اکر
- 25 ڊسمبر 2006: جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ايجنسين طرفان گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي بک هڙتال
- 21 ڊسمبر 2006: آل پارٽيز ڪانفرنس طرفان 10 جنوري تي ٻيٽن جي وڪري خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان
- 17 ڊسمبر 2006: سنڌ کي مڪمل اختيار کپن، ڪراچي جا ٻيٽ سنڌ جا آهن کسجڻ نه ڏينداسين، جلال محمود شاه
- 15 ڊسمبر 2006: گم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابي ۽ ٻيٽن جي وڪري خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جو مظاهرو
- 12 ڊسمبر 2006: ڪراچي جي ٻيٽن تي رهندڙ ماهيگيرن کي ٻن ڏينهن اندر ٻيٽ خالي ڪرڻ جو حڪم
- 11 ڊسمبر 2006: قومي ڪارڪنن جي پاڪستان جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگي هڪ سازش آهي، سڄاڻ ڌريون
- 11 ڊسمبر 2006: ڪراچي ڀرسان ٻن ٽرڪن جي ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو فوت، 11 زخمي
- 10 ڊسمبر 2006: سنڌي ادبي سنگت تي قبضي سبب سنڌ جو اديب انقلابي نه ٿي سگهيو آهي، رسول بخش پليجو
- 2 ڊسمبر 2006: اين ايف سي ايوارڊ تي بلوچستان ۽ سنڌ متفق آهن جڏهن ته پنجاب ۽ سرحد کي اختلاف آهن، ارباب رحيم
- 1 ڊسمبر 2006: ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگي خلاف ورلڊ سنڌي انسٽيٽوٽ پاران مهم هلائڻ جو اعلان
- 1 ڊسمبر 2006: ٻيٽن جي وڪري خلاف سنڌ نيشنل پارٽي پاران سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون
- 1 ڊسمبر 2006: شڪارپور ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ چار عورتون ڪاري هجڻ جي الزام هيٺ قتل، مارجي ويلن ۾ ٽي ڀينرون هيون
- 28 نومبر 2006: منو ڀيل خاندان جي بازيابيءَ لاءِ ڪابه پيش رفت نه ٿي سگهي، سنڌ ۾ نجي جيلن جو سلسلو جاري
- 28 نومبر 2006: سنڌ جي معدني وسيلن ۽ خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان، ممتاز ڀٽو
- 27 نومبر 2006: سنڌ جي مخالفت باوجود وفاقي پلاننگ ڪميشن تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم جي منظوري ڏئي ڇڏي
- 27 نومبر 2006: ڀارتي ڪوسٽ گارڊز هٿان سنڌ جا 21 ماهيگير گرفتار، جهليل ماهيگيرن جو تعداد 113 ٿي ويو
- 27 نومبر 2006: ضلعي ڪائونسل مٽياري سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ خلاف رٿ منظور ڪري ورتي، اها سنڌين سان ناانصافي آهي
- 26 نومبر 2006: ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد اسلام آباد وارن کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيو، عبدالواحد آريسر
- 26 نومبر 2006: چاليهه سال اڳ جي ايم سيد اسان کي خطرن کان آگاه ڪيو پر اسان سندس پيغام تي اعتبار نه ڪيو، جلال محمود شاه
- 25 نومبر 2006: ابراهيم جويو جي صدارت ۾ سنڌ قومي اتحاد جو اجلاس، اتحاد کي متحرڪ بنائڻ جو فيصلو
- 25 نومبر 2006: سنڌ ٽي وي نشريات جي بحالي سنڌين جي جدوجهد جو نتيجو آهي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس
- 25 نومبر 2006: ٽرالر جو اسڪولي ٻارڙن جي ڊاٽسن سان ٽڪر، نتيجي ۾ 2 شاگرد فوت 20 زخمي
- 24 نومبر 2006: وفاقي حڪومت سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ کي پابندي کان آجو ڪري ڇڏيو، نشريات بحال ٿي وئي
- 24 نومبر 2006: ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد جي اڳواڻي تان استعيفا ڏئي سياسي طور نابالغي جو ثبوت ڏنو، قادر مگسي
- 24 نومبر 2006: جيئي سنڌ متحده محاذ جي باندي اڳواڻن جي ملاقات تي پابندي ۽ تشدد خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان مظاهرو
- 24 نومبر 2006: ڪڇي ڪينال تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي ڇهه راڪيٽ فائر، ٻه ماڻهو زخمي
- 23 نومبر 2006: وارثن هٿان ٻن غيرشادي شده نارين جو قتل، گهرن مان فرار ٿيل ناريون ان شرط تي واپس ٿيون ته کين معاف ڪيو ويندو
- 23 نومبر 2006: سنڌ ۾ ٿيل ضمني چونڊن جا غير سرڪاري نتيجا پڌرا ٿي ويا
- 22 نومبر 2006: ڪراچي جي ٻيٽن تي عيش لاءِ سينٽر ٺهندا جنهن وٽ پيسو هوندو اهو اُتي وڃي سگهندو، پير پاڳارو
- 22 نومبر 2006: سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پيمرا طرفان پابندي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا جاري، نشريات جي بحالي جو مطالبو
- 22 نومبر 2006: جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن ستار هڪڙو ۽ مظفر ڀٽو کي ڪوٽڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
- 21 نومبر 2006: ڪراچي ۾ هزارين سنڌين جو مظاهرو، ٻيٽن جو وڪرو نامنظور جو نعرو گونجندو رهيو
- 20 نومبر 2006: سنڌ جي گورنر خلاف سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم پاران پٽيشن، هاءِ ڪورٽ پاران وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان وضاحت طلب
- 20 نومبر 2006: بدين ۾ سوين ماڻهن جو ٻيٽن جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو، عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ
- 20 نومبر 2006: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جو سخت احتجاج، اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي
- 19 نومبر 2006: سنڌ ٽي وي تي پابندي خلاف سموري سنڌ ۾ مظاهرا جاري، احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو چتاءَ
- 19 نومبر 2006: ڀارت کان آيل سنڌي شاعر ۽ ٻين کي لاڙڪاڻي ۾ آجياڻو ڏنو ويو، سنڌ مان لڏي وڏي غلطي ڪئي، موتي رام
- 18 نومبر 2006: جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻن اڳواڻن کي ڪوٽڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالتي حڪم تي سينٽرل جيل حوالي
- 18 نومبر 2006: سنڌ نيشنل پارٽي پاران ڊيمن جي اڏاوت ۽ ٻيٽن جي وڪري خلاف پهرين ڊسمبر تي احتجاج جو اعلان
- 17 نومبر 2006: جهونو دانشور ابراهيم جويو، قادر مگسي ۽ ٻيا ممتاز ڀٽي کان استعيفا واپس وٺڻ لاءِ ملاقات ڪندا
- 17 نومبر 2006: سنڌ ٽي وي جي نشريات بند ڪرڻ خلاف سنڌ ۾ احتجاجن ۽ مظاهرن جو سلسلو جاري
- 16 نومبر 2006: پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس طرفان زوري لڏايل صفر خاصخيلي جي ڳوٺاڻن جي سار ڪنهن نه لڌي، قومپرست جماعتون خاموش
- 16 نومبر 2006: جلال محمود شاه طرفان جوڙيل نئين پارٽي جو ڪنوينشن 9 ڊسمبر ۽ تعارفي جلسو 17 ڊسمبر تي ڪرڻ جو اعلان
- 15 نومبر 2006: سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي خلاف مظاهرا جاري، حيدرآباد ۾ ابراهيم جويي ۽ آريسر جي اڳواڻي ۾ احتجاج
- 15 نومبر 2006: جيئي سنڌ متحده محاذ جي تازو ظاهر ڪيل ٻن اڳواڻن مظفر ڀٽي ۽ ستار هڪڙي تي تشدد ڪيو پيو وڃي، وارثن جو الزام
- 15 نومبر 2006: ماتلي ڀرسان روڊ حادثي ۾ ماءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا فوت، 20 زخمي
- 15 نومبر 2006: اڄ شڪارپور ۾ ضمني چونڊ، پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ق) وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان
- وڌيڪ خبرون پڙهڻ لاءِ ڏسو: سموريون خبرون
