آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ حڪمت عملي بابت ڳالهين جو ٻيو دور شروع، ڳالهيون ٻه ڏينهن جاري رهنديون

وڪي اخبار کان

6 نومبر 2006

آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ گڏيل حڪمت عملي بابت ڳالهين جو ٻيو دور اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻن ڏينهن لاءِ اهي ڳالهيون پرڏيهي سيڪريٽري رياض احمد خان جي صدارت هيٺ ٿينديون.

ان گڌجاڻي ۾ انڊر سيڪريٽري اسٽيٽ رچرڊ بائوچر ۽ ٻيا اهم عهديدار پڻ شريڪ ٿيندا. انهن ڳالهين جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلقات ۽ حڪمت عملي بابت بحث هوندو. ياد رهي ته ڳالهين جو پهريون دور هن سال اپريل ۾ واشنگٽن ۾ ٿيو هو.

ذريعا