آمريڪا ۾ وچ مدي وارين چونڊن بعد رمز فيلڊ جي استعفا، رابرٽ گيٽس وزير دفاع ٿيندو

وڪي اخبار کان

8 نومبر 2006

آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ صدر بش پنهنجي پهرين خطاب ۾ رمز فيلڊ جي استعفا جي تصديق ڪئي آهي.

صدر بش اعلان ڪيو آهي ته سي آءِ اي جي سابق سربراه رابرٽ گيٽس کي آمريڪا جو نئون وزير دفاع بڻايو پيو وڃي.

ياد رهي ته رمز فيلڊ کي هٽائڻ جا مطالبا پڻ ٿيندا رهيا آهن. صدر بش، رمز فيلڊ کي 2002ع ۾ وزير دفاع جي عهدي تي مقرر ڪيو هو.

ذريعا