آمريڪي فوج پاران 14 دهشتگرد مارڻ ۽ 48 گرفتار ڪرڻ جي دعوا، اغوا ٿيل پوليس اهلڪار کي ڇڏايو ويو

وڪي اخبار کان

8 نومبر 2006

عراق ۾ موجود آمريڪي فوج دعوا ڪئي آهي ته هنن 14 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي ۽ 48 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي، انهن جي قبضي مان هڪ پوليس اهلڪار کي ڇڏايو ويو.

ذريعن موجب آمريڪي فوج بغداد ڀرسان القائده جي 10 شڪي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ ڇهه ڏينهن کان اغوا ٿيل هڪ پوليس اهلڪار کي پڻ دهشتگردن وٽان ڇڏائي ورتو آهي.

رمادي ۾ پڻ ٻن شڪي دهشتگردن کي مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هڪ ٻي آپريشن ۾ پڻ ٻن مبينه دهشتگردن کي ماريو ويو آهي ۽ 48 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

ذريعا