ايران ڇهه ڏوهارين کي زاهدان ۾ سرعام موت جي سزا ڏيندو، ڏوهارين تي پرڏيهي سياح قتل ڪرڻ جو الزام

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

ايران ڇهه ڏوهارين کي زاهدان ۾ سرعام موت جي سزا ڏيندو. انهن ڏوهارين تي يورپي سياحن کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ جو الزام آهي.

جن کي ڦاسي ڏني ويندي انهن ۾ بهزاد، محمد امين، عبدالله، محسن، ماجد ۽ نادر خان شامل آهن. ذريعن موجب انهن تي الزام هو ته انهن ڊچ، جرمن ۽ آئرش سياحن کي اغوا ڪري چار ماڻهن کي قتل ڪيو هو.

خبرن مطابق هن سال 115 ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب 2005 ۾ 94 ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي هئي. هن سال اهو تعداد وڌيڪ ٿي ويو آهي.

ذريعا