برطانيه جي خفيه اداري ايم 5 حقيقت تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي آهي، انگلينڊ وزيراعظم ٽوني بليئر

وڪي اخبار کان
ٽوني بليئر

11 نومبر 2006

انگلينڊ جي وزيراعظم ٽوني بليئر چيو آهي ته خفيه اداري ايم 5 جي ڏنل دهشتگردي خلاف وارننگ حقيقتن تي مشتمل آهي. ياد رهي ته ايم 5 جي سربراه ڊيم ايليزا چيو هو ته برطانيه کي 30 کان وڌيڪ دهشتگرد حملن جو خطرو آهي جنهن ۾ 16 سو کان وڌيڪ برطانوي مسلمان ملوث آهن.

ٽوني بليئر وڌيڪ چيو ته هو ايم 5 جي حمايت ڪري ٿو. برطانيه کي واقعي خطرو آهي. جن ذريعي برطانيه جي نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر ڀريو پيو وڃي.

ذريعا