سموري دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، پاڪستان ۾ فرسوده رسمون زنده

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

اڄ سموري دنيا ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سڄاڻ حلقن پاڪستان جي معاشري کي فرسوده رسمن وارو خطو قرار ڏيئي ڇڏيو.

ٻئي طرف هيومن رائٽس ڪميشن جي انگن اکرن مطابق گذريل ڇهن مهينن دوران 144 عورتن کي غيرت جي نالي تي جڏهن ته 46 عورتن کي ڪاريون قرار ڏئي قتل ڪيو ويو.

185 عورتن کي گينگ ريپ بعد قتل ڪيو ويو ۽ 69 عورتون گهريلو تشدد جو نشانو بڻيون انهن مان ڪيترين ئي عورتن کي پنهنجن مائٽن باه ڏئي ساڙيو. چيو ويو آهي ته ڪيترائي اهڙا واقعا ٿين ٿا جيڪي رجسٽر يا ميڊيا تي نٿا پهچي سگهن.

پاڪستان ۾ اهڙو معاشرو قائم آهي جتي پٽ کي ڌيءُ اڳيان وڌيڪ اهميت حاصل آهي، جڏهن ته ڇوڪرين کي شروع کان ئي سماج جي گندين رسمن لاءِ قربان ٿيڻ جو سبق ڏنو ويندو آهي.

ذريعا