بدين ۾ سوين ماڻهن جو ٻيٽن جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو، عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ

وڪي اخبار کان

20 نومبر 2006

پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان بدين ۾ ٻيٽن جي وڪري ۽ ٺيڪيداري نظام خلاف هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سوين ملاحن پنهنجي عورتن سميت شرڪت ڪئي.

گذريل اٺن ڏينهن کان هلندڙ بک هڙتال کان پوءِ قطر مسجد کان بدين پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي مٺي پاڻي جا وارث ماهيگير آهن جن جي بيدخلي افسوسناڪ آهي. بدين جي ماهيگيرن جون زمينون کاتا بدلائي ڦٻايون پيون وڃن اهڙي زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي.

اڳواڻن اعلان ڪيو ته 23 نومبر تي ٺٽي ۾ بک هڙتالن جو هفتو ملهايو ويندو. مظاهرين گڏيل طور گهر ڪئي ته سامونڊي ٻيٽن واري وڪري جو فيصلو واپس ورتو وڃي.

احتجاجي ريلي کي محمد علي شاهه، سيد طاهره علي شاه، مٺن ملاح، ساجن شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

ذريعا