بش حڪومت جو ارادو آهي ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ايندڙ گرمين ۾ حملو ڪيو وڃي، آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ

وڪي اخبار کان

22 نومبر 2006

آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ جي ذريعن چيو آهي ته بش حڪومت ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ايندڙ گرمين ۾ حملو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

ٿنڪ ٽينڪ جي ڊائريڪٽر جان پائڪ وڌيڪ چيو آهي ته صدر ايران لاءِ سفارتڪاري بجاءِ فوجي ڪاروائي کي اهميت ڏيئي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ايران جي خلاف فوجي ڪاروائي معمولي نوعيت جي هوندي. جنهن ذريعي صرف ايٽمي ٺڪاڻن ۽ وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن جي اڏن کي تباه ڪيو ويندو.

ذريعا

اردو سيڪشن ”جيو ٽي وي