بغداد ۾ صدر سٽي وٽ ٿيل لڳاتار بم ڌماڪن جي فوتين جو انگ 213 ٿي ويو

وڪي اخبار کان

23 نومبر 2006

بغداد جي صدر سٽي واري علائقي ۾ ٿيل لڳاتار بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا پيا.

ٻئي طرف تازن اطلاعن مطابق مارجي ويل ماڻهن جو انگ جمعي ڏينهن تائين 213 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته زخمين جو تعداد 257 ٻڌايو ويو آهي.

چيو ويو آهي ته صدر سٽي ۾ لڳاتار ٽي ڪار بم ڌماڪا ٿيا. عراق تي آمريڪي حملي کان پوءِ اهو سنگين ترين واقعو قرار ڏنو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شيعه اڪثريتي علائقي ۾ انهن ڌماڪن کان پوءِ اتان جا ماڻهو هٿيارن سميت رستن تي نڪري آيا آهن ۽ انهن سنين خلاف نعري بازي پڻ ڪئي آهي.

ذريعا