بغداد ڌماڪي جي فوتين سميت عراق ۾ مارجي ويلن جو انگ 49 ٿي ويو

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

بغداد شهر ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي ۾ ست ڄڻن جي مارجي وڃڻ ۽ 45 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. اهڙي طرح عراق ۾ خميس ڏهاڙي مختلف واقعن ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعداد 49 ٿي ويو آهي.

خبرن موجب هڪ ڌماڪو بغداد ۾ ٿيو جنهن ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 45 زخمي ٿي پيا. صدر سٽي ۾ اهو ڌماڪو هڪ مارڪيٽ ۾ ٿيو.

خابرو ادارن جي رپورٽن موجب عراق جي مختلف حصن مان مليل اطلاعن موجب ڌماڪن ۽ حملن جي نتيجي ۾ بغداد وارن فوتين سميت مارجي ويلن جو انگ 49 ٻڌايو ويو آهي.

ذريعا