بلوچستان ۾ تراويح دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ڇهه ڄڻا مارجي ويا، مقتول هڪ ئي خاندان جا ڀاتي هئا

وڪي اخبار کان

بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ تراويح دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ڀاتي مارجي ويا. مارجي ويلن جو تعلق جمال زئي قبيلي سان ٻڌايو ويو آهي.

پوليس مطابق حمله آورن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي کين گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. واردات جو سبب پراڻي دشمني ٻڌايو ويو آهي.

اهي به اطلاع آهن ته اهي ٻئي قبيلا زهري قبيلي جي هڪ زيلي شاخ آهن. واقعو خضدار ۾ تعلقي زهري جي هڪ مسجد ۾ پيش آيو جڏهن مقتول تراويح ۾ مشغول هئا.

ذريعا