بلوچستان ۾ جنگي جهازن ۽ هيليڪاپٽرن جي آبادين تي بمباري، عورتن ۽ ٻارن سميت 24 ڄڻا مارجي ويا

وڪي اخبار کان

Cautionخبر ۾ ذريعا يا حوالا ڏنل نه آهن، تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي حوالا ڏئي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو.


بلوچستان ۾ 4 جيٽ جهازن ۽ 6 هيليڪاپٽرن بمبور ۽ ڪاهان جي علائقن ۾ سويلين آبادين تي بمباري ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عام ماڻهن سان گڏ وڏي تعداد ۾ چوپايو مال به مارجي ويو آهي.

شام واري هڪ انگريزي اخبار موجب اها دعويٰ انجمن اتحاد مري هڪ بيان ۾ ڪئي آهي. دعويٰ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪوهستان مري علائقي ۾ غريب مالوندين تي جهازن بمباري ڪئي، جڏهن ته ڪيميڪل هٿيار به استعمال ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت جي دستن سمورا رستا پڻ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

بيان موجب علائقي جي ماڻهن کي کاڌي پيتي کان به محروم رکيو پيو وڃي. ”اي آءِ ايم“ جي سبي زون جي ترجمان اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڪمالهان ۽ تاراتاني علائقن ۾ 123 خاندانن کي سندن گهرن مان حراست ۾ ورتو ويو آهي. جن ۾ 426 عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، ڪنهن کي به خبر ناهي ته انهن ڪٽنبن کي ڪٿي رکيو ويو آهي، جڏهن ته 24 عورتن ۽ ٻارن جا لاش علائقي مان هٿ آيا آهن، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال به مارجي ويو آهي.