بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورس ۽ هٿياربندن وچ ۾ ويڙهه هڪ اهلڪار مارجي ويو، ٻه زخمي

وڪي اخبار کان

13 نومبر 2006

بلوچستان جي علائقي ڪاهان ۾ سيڪيورٽي فورس ۽ هٿياربندن وچ ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهلڪار مارجي ويو آهي جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ذريعن مطابق ڪاهان جي علائقي ڀرسان مري قبيلي سان واسطو رکندڙ هٿياربندن ۽ سيڪيورٽي فورس وچ ۾ ويڙهه ٿي پئي. چيو ويو آهي ته مري قبيلي جي هٿياربند کي پڻ جاني نقصان ٿيو آهي.

پنهنجو پاڻ کي بلوچستان لبريشن آرمي جي ترجمان طور ظاهر ڪندي آزاد بلوچ ٽيليفون تي حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورس جا ڇهه اهلڪار مارجي ويا آهن.

بهرحال آزاد ذريعن وٽان وڌيڪ جاني نقصان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ذريعا