بلوچستان ۾ هڪ بم ڌماڪي سبب ٻه ايف سي اهلڪار مارجي ويا، هڪ زخمي

وڪي اخبار کان

31 آڪٽوبر 2006

بلوچستان جي علائقي پير ڪوه، ڊيرا بگٽي ڀرسان بارودي سرنگ جي ڦاٽڻ سبب ايف سي جا ٻه اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

خبرن مطابق ڊيرا مراد جمالي ۾ پڻ هڪ راڪيٽ فائر ڪيو ويو. جنهن ۾ ڪنهن جي به مارجي وڃڻ يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع نه آهن.

ذريعن موجب ايف سي جا اهلڪار بارودي سرنگ کي هٽائي رهيا هئا ته اها ڦاٽي پئي جنهنڪري ٻه اهلڪار ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

ذريعا