بلوچستان ۾ گيس پائپ لائنن کي نامعلوم ماڻهن طرفان اڏائڻ سبب سوا ٽي ارب جو نقصان ٿيو، وفاقي وزير

وڪي اخبار کان

23 نومبر 2006

بلوچستان ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان گيس پائپ لائنن کي تباه ڪرڻ سبب گذريل ڪجهه سالن کان سوا ٽي ارب رپين کان مٿي جو نقصان پهتو آهي.

وفاقي وزير نصير مينگل سينيٽ کي اها ڄاڻ ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن ۾ پائپ لائنن کي 43 ڀيرا تباه ڪيو ويو آهي. جڏهن کائنس سوال پڇيو ويو ته ايئن ڇو پيو ٿئي تڏهن هو ڳالهه کي گول ڪري ويو.

ذريعا