بنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف مزاحمت جو اعلان، ڪراچي ۾ اجلاس

وڪي اخبار کان
ڪراچي ۾ ٿيل اجلاس جو ڏيک

پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ڪراچي ۾ سڏايل هڪ اجلاس ۾ سنڌ جي اڪثر قومپرستن، وفاقي جماعتن جي اڳواڻن، مذهبي اڳواڻن ۽ پورهيت تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن جي 12 هزار ايڪڙ زمين پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف 11 آڪٽوبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي جلوس ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو.

اجلاس ۾ 20 نومبر تي بنڊاڙ ٻيٽ تي هڪ جلسي جو اعلان پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ گُهر ڪئي وئي ته بنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپنيءَ کي ڏيڻ کان روڪيو وڃي. مذڪوره ٻيٽن کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي محفوظ بڻايو وڃي.

اجلاس ۾ متفقه طور عيد کان پوءِ هڪ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو، جنهن تحت سنڌ جي هر شهر ۾ احتجاجي جلوس ۽ جلسا ڪيا ويندا ۽ اسلام آباد ۾ گڏيل مشاورتي ڪائونسل گهرائي پارليامينٽ آڏو پڻ احتجاج ڪيو ويندو.

اجلاس دوران رسول بخش پليجي چيو ته سنڌ پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي غلام آهي. هن ايم ڪيو ايم جي نالي وٺڻ کان سواءِ چيو ته اسان غنڊن دوستن کي چئون ٿا ته پنهنجو رويو درست ڪن ٻي صورت ۾ کين واپس انڊيا وڃي دربدري واري زندگي گذارڻي پوندي.

بشير قريشي چيو ته سنڌين سان غلامن جيان ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. ٻيٽن تي قبضو اصل ۾ سنڌين کي اُتان بيدخل ڪرڻ جي سازش آهي. اجلاس کي عبدالخالق جوڻيجي، مولانا اسدالله ڀٽي، علي حسن چانڊيي، امير ڀنڀري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ذريعا