بنگلاديش ۾ احتجاج دوران فساد، 18 ماڻهو مارجي ويا 2 هزار زخمي

وڪي اخبار کان

28 آڪٽوبر 2006

بنگلاديش جي وزيراعظم خالده ضياء جي حڪومتي مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا جنهن سبب تشدد جي مختلف واقعن ۾ آخري اطلاعن مطابق فوت ٿيلن جو تعداد 18 ٿي ويو آهي ۽ 2 هزار ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن.

جمعي تي خالده ضيا جي حڪومتي مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ نگران حڪومت جي حلف برداري ٿيڻي هئي جنهن کي پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. صدر جي ترجمان چيو ته تقريب ان ڪري ملتوي ٿي ڇاڪاڻ ته چيف جسٽس ڪي ايم حسن جيڪو نگران حڪومت جو سربراهه بڻجي ها بيمار ٿي پيو آهي.

ياد رهي ته حزب اختلاف جو موقف آهي ته نگران حڪومت جو ايندڙ سربراهه ڪي ايم حسن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائيندو. خبرن مطابق ڪي ايم حسن اقتدار قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعا