بينظير طرفان بل جي منظوري تي قوم کي مبارڪون، ايم ايم اي جون استعيفائون روڪڻ لاءِ اسيمبلي اجلاس چئن مهينن تائين ملتوي

وڪي اخبار کان

17 نومبر 2006

پ پ جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو عورت تحفظ بل پاس ٿيڻ تي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين عورت تحفظ بل پاس ٿيڻ واري ڏينهن کي فتح وارو ڏهاڙو قرار ڏيندي هر سال 17 نومبر تي فتح جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ياد رهي ته ايم ايم اي بل جي منظوري کان پوء استعيفائن واري مسئلي تي اڃا تائين ورهايل نظر اچي ٿي. ٻئي طرف حڪومت ايم ايم اي جون استعيفائون روڪڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس چئن مهينن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

بينظير ڀٽو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پ پ 25 سالن کان عورتن جي حقن بابت جدوجهد ڪري رهي هئي، هن بل جي منظوري کي عوام جي ڪاميابي قرار ڏنو آهي.

ٻئي طرف الطاف حسين چيو آهي ته عورت تحفظ بل جي منظوري کان پوءِ هاڻ صوبائي خودمختياري وارو بل منظور ڪرائڻ لاءِ جدوجهد وڌيڪ تيز ڪئي ويندي.

ذريعا