جرڳي پاران جوڙي کي قتل ۽ نوجوان جي ماءُ ۽ ڀيڻ مخالفن حوالي ڪرڻ جي فتويٰ

وڪي اخبار کان

جرڳي پاران جوڙي کي قتل ڪرڻ ۽ نوجوان جي ماءُ ۽ ڀيڻ کي ناري جي وارثن حوالي ڪرڻ جو انسانيت کان ڪريل فيصلو.....رپورٽ : زبير زرار منگي...

 ڪوٽڏيجي ويجهو پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي جرڳي دوران ڪارو قرار ڏيئي قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نوجوان جي پيرسن ماءُ ۽ ڀيڻ کي ناري جي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ رستم ۾ مهر ۽ پنهور برادري جي چڱن مڙسن وچ ۾ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ حسين آباد جي رهواسي اسد الله پنهور ۽ ناري سوڀيا مهر کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي فتويٰ پڻ جاري ڪئي وئي. جرڳي ۾ نوجوان اسد الله پنهور جي پيرسن ماءُ سارا پنهور ۽ سندس 16 ورهين جي ڀيڻ عذرا کي ڏنڊ عيوض مهرن حوالي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته نوجوان ناري نه موٽائي وئي ته سندس نوجوان جي ماءُ ڀيڻ ڏنڊ طور مهر برادري کي پرڻائي ڏنيون وينديون. جرڳي دوران مهرن پاران پنهور برادري جي اغوا ڪيل مسمات اقبال بانو زال حبدار پنهور کي پڻ مائٽن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ايس پي جاچ خيرپور اڪبر وڳڻ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اهڙي قسم جي جرڳي بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهور برادري جي اغوا ڪيل اقبال بانو جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار نصرالله مهر کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.