جلال محمود شاه طرفان جوڙيل نئين پارٽي جو ڪنوينشن 9 ڊسمبر ۽ تعارفي جلسو 17 ڊسمبر تي ڪرڻ جو اعلان

وڪي اخبار کان

16 نومبر 2006

سائين جي ايم سيد جي پوٽي ۽ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جلال محمود شاهه چيو ته آهي ته نئين جوڙيل پارٽي جو ڪنوينشن 9 ڊسمبر تي ٿيندو.

ڄامشور ۾ هن اهڙو اعلان ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته نئين پارٽي جو نالو، جهنڊو ۽ آئين وغيره کي حتمي صورت ڏني ويندي. چيو ويو آهي ته ان جا مرڪز ۽ ضلعي سطح تي آرگنائيزر مقرر ڪيا ويندا. جنهن کان پوءِ 9 ڊسمبر تي پارٽي جو ڪنوينشن ٿيندو.

وڌيڪ چيو ويو آهي ته 17 ڊسمبر تي ڄامشور ۾ پارٽيءَ جو تعارفي جلسو پڻ ڪرايو ويندو جنهن ۾ سموري سنڌ جي ماڻهن کي شريڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون.

ذريعا