اُتر وزيرستان ۾ طالبان حامين پاران پنهنجن قانونن جي نفاذ جون ڪوششون تيز

وڪي اخبار کان

26 آڪٽوبر 2006

حڪومت جي اُتر وزيرستان جي قبائلين سان ٿيل معاهدي کان پوءِ طالبان حامين پنهنجون سرگرميون محدود ڪرڻ بجاءِ پنهنجن قانونن جي نفاذ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

چيو ويو آهي ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پمفليٽ ورهايا ويا آهن جن ۾ انهن ڌرين پنهنجين پاليسين جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته ٻن ماڻهن کي آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل پڻ ڪيو ويو هو.

پمفليٽ ۾ ٽيڪس جا تفصيل ڏنا ويا آهن جن مطابق علائقي ۾ داخل ٿيندڙ گاڏين کان ٽيڪس اڳاڙيو ويندو ۽ اتان جا پيٽرول پمپ مالڪ پڻ ٽيڪس ادا ڪندا.

ذريعا