حڪومت سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي مڙهي ڇڏي، ڪابه وارننگ نه ڏني وئي، ڪريم راڄپر

وڪي اخبار کان
فائل:Sindhi TV.jpg
سنڌ ٽي وي لوگو

10 نومبر 2006

حڪومت سنڌيءَ جي مشهور ٽي وي چينل سنڌ ٽي وي تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سنڌ ٽي وي جي چيف ايگزيڪويٽو ڪريم راڄپر جو چوڻ آهي ته بنا ڪنهن وارننگ جي اهڙي ڪاروائي ڪئي وئي.

ڊاڪٽر ڪريم راڄپر جو چوڻ هو ته اهڙو زباني حڪم کين ڪالهه شام جاري ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن اسان پيمرا سان رابطو ڪيو ته انهن جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي چوڻ تي اها ڪاروائي ڪئي وئي آهي.

ڪريم راڄپر جو ان سلسلي ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ڪڏهن به مقرر سرڪاري دائرا ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. اسان ”بولڊ“ پروگرام ضرور ڏيکاريا آهن پر اسان ڪڏهن به ملڪ خلاف ڪجهه نه چيو آهي.

جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن مطابق سنڌ ٽي وي جي نشريات خميس ڏهاڙي وقفي وقفي سان هلي رهي هئي.

ذريعا