حڪومت ڊينگو وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، ڊاڪٽر فهميده مرزا

وڪي اخبار کان

24 آڪٽوبر 2006

پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته حڪومت ڊينگو وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

فهميد مرزا وڌيڪ چيو ته سٽي ناظم مڃي چڪو آهي ته 1000 کان مٿي ڊينگو وائرس جا مريض رپورٽ ٿيا آهن. جنهن مان 300 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي.

پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته حڪومت جي نااهلي ان مان پڌري آهي ته ايترن ڏينهن جي گذرڻ باوجود ڊينگو وائرس کي روڪڻ لاءِ ڪي به خاطرخواهه بندوبست نه ٿي سگهيا آهن.

ذريعا