رانٽو ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿيلن جو انگ 15 ٿي ويو، ڪينال جو پاڻي گهٽائي خاص ٽوٻا گهرايا ويا

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

سانگهڙ مان مليل اطلاعن موجب رانٽو ڪينال ۾ ٻڌي ويلن جو انگ 15 ٿي ويو آهي جنهن ۾ 3 عورتون ۽ 3 ٻار پڻ شامل هئا.

واقعو سانگهڙ کان 40 ڪلوميٽر پري رانٽو ڪينال ۾ ان وقت پيش آيو جنهن وقت هڪ بتيلو اونڌو ٿي پيو. خبرن مطابق چيو ويو آهي ته ٻيڙي کي هڪ ٻار هلائي رهيو هو.

اهو پڻ چيو ويو آهي ته اڃا تائين ڪجهه فوتين جا لاش ڪينال مان نه لڌا ويا آهن. جڏهن ته ڪينال جو پاڻي پڻ گهٽايو ويو آهي ۽ خاص ٽوٻا پڻ گهرايا ويا آهن.

ذريعا