روزانه هلچل پاران صفر خاصخيلي ڳوٺ تي پوليس ۽ پيٽارو ڪاليج انتظاميه جي چڙهائي نادري ڪاروائي قرار

وڪي اخبار کان
فائل:Sindh village.jpg
بلڊوز ڪيل ڳوٺ (فوٽو: عبرت)

11 نومبر 2006

روزانه هلچل پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ڳوٺ صفر خاصخيلي تي پوليس ۽ ڪاليج انتظاميه جي چڙهائيءَ کي نادري ڪاروائي قرار ڏنو آهي. جنهن ۾ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري رهواسين کي زوري بيدخل ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽرن ۽ ٽرالين ۾ سٿي ٻئي ڳوٺ پهچايو ويو.

ايڊيٽوريل مطابق زمين جي ان تڪرار ۾ چادر ۽ چارديواريءَ جو تقدس پئمال ڪيو ويو آهي. پوليس پنهنجي اڳئين ڪاروائي ۾ ڪجهه ڳوٺاڻن کي گم پڻ ڪري ڇڏيو آهي.

اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ويو آهي ته ڳوٺ صفر خاصخيلي پيٽارو ڪاليج کان به وڌيڪ قديمي ڳوٺ آهي. ڪاليج انتظاميه کي صلح جو رستو ڇڏي زور وارو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي ها.

اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته هن مامري جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ها پر ائين نه ڪيو ويو. اخبار ڳوٺ کي بلڊوز ڪرڻ واري عمل کي انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ قرار ڏيندي لکيو آهي ته ان خلاف ضلعي حڪومت توڙي سڄاڻ ڌرين کي سگهارو آواز اٿارڻ گهرجي.

ذريعا