روهڙي لڳ ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب بس گهري کاهي ۾ وڃي ڪِري 15 ماڻهو فوت

وڪي اخبار کان

26 آڪٽوبر 2006

جيو ٽي وي مطابق ڪار کي بچائيندي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب هڪ بس گهري کاهي ۾ وڃي ڪري جنهنڪري گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته 35 کان مٿي ماڻهو ان حادثي ۾ زخمي پڻ ٿي پيا.

اهو حادثو روهڙي ويجهو پيش آيو، چيو ويو آهي ته بس ۾ 75 کن مسافر سوار هئا، حادثي جي فوتين ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق سکر سائٽ ايريا جي شيخ برادري سان ٻڌايو ويو آهي. فوتين ۾ 5 سڳا ڀائر پڻ شامل هئا.

فوت ٿيلن ۾ 6 عورتون ۽ ٻه ٻار پڻ ٻڌايا ويا آهن. سکر ۽ روهڙي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي ۽ شهرين کي رت ڏيڻ جون اپيلون پڻ ڪيون ويون آهن.

فوتين بابت ڪي به تصديق ٿيل اطلاع نه آهن، جڏهن ته ذريعن مطابق اهو پڻ چيو ويو آهي ته ڪجهه زخمين جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي جنهن ڪري فوتين جي تعداد وڌڻ جو امڪان آهي.

ذريعا