زهريلو شراب واپرائڻ سبب ملتان ۾ 23 ماڻهو فوت

وڪي اخبار کان

28 آڪٽوبر 2006

ملتان ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 23 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ملتان جي نشتر اسپتال ۾ انهن متاثرن کي نيو ويو هو.

جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ شراب تي پابندي آهي پر تنهن هوندي به غريب ماڻهو مقامي طور ٺهيل شراب واپرائيندا آهن. چيو ويو آهي ته ڏهن ماڻهن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي شڪ تحت گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

ذريعا