سرحد جي شهر بنون جي ڊي آءِ جي کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

18 ڊسمبر 2006

سرحد صوبي جي شهر بنون ۾ نامعلوم هٿياربندن ڊي آءِ جي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ان حملي ۾ ڊي آءِ جي بنون عابد علي ۽ ان جو ڊرائيور موقعي تي مارجي ويا.

پوليس مطابق واقعو رات دير سان ٿيو هو ان واقعي جي تفتيش ڪري رهيا آهيون ان ڪري وقت کان اڳ ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

مرحوم ڊي آءِ جي کي ٻه ڀيرا قائداعظم ميڊل هڪ ڀيرو پاڪستان پوليس ميڊل ملي چڪا هئا.

ذريعا