سنڌي ادبي سنگت تي قبضي سبب سنڌ جو اديب انقلابي نه ٿي سگهيو آهي، رسول بخش پليجو

وڪي اخبار کان
فائل:Palijo adabi sangat.JPG
رسول بخش پليجو ۽ حاضرين (فوٽو: هلچل)

19 نومبر 2006

عوامي تحريڪ جي سربراه رسول بخش پليجي چيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت تي قبضي سبب سنڌ جو اديب انقلابي نه ٿي سگهيو آهي. هاڻ نون جذبن سميت نوان ماڻهو اڳتي اچڻ گهرجن. اهي ڳالهيون هن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ هڪ ليڪچر پروگرام ۾ خطاب دوران چيون.

پليجي چيو ته سائنس ۾ حدبندي ٿيندي آهي پر ادب ۾ ڪابه حدبندي نه ٿيندي آهي. دنيا ۾ انقلابن لاءِ اديب جو ڪردار وڌي ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم جي تقدير تڏهن ئي تبديل ٿي سگهي ٿي جڏهن هتان جو اديب به انقلاب جي راه هموار ڪرڻ ۾ تنظيم هيٺ گڏ ٿئي. ڪنهن دور ۾ شاعري بادشاهن کي خوش ڪرڻ لاءِ چئي ويندي هئي پر اڄ ان جو ڪارج بدلجي چڪو آهي.

پليجي ليڪچر ۾ خطاب دوران وڌيڪ چيو ته جيستائين عورتن کي آزادي نه ملندي ان وقت تائين ڪابه تبديلي نه ايندي. سنڌي قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ انقلابي ادب ۽ فن جي ضرورت آهي.

ذريعا