سنڌ اسيمبليءَ ۾ سامونڊي ٻيٽ پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪرڻ خلاف رٿ بحث لاءِ منظور

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ڪيٽگريز صحيح طور ڏنل نه آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي. نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ درستگين جي ضرورت آهي.


سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ اڱاري ڏينهن 2 سامونڊي ٻيٽن جي 12 هزار ايڪڙ زمين سنڌ سرڪار کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ دبئي جي تعميراتي اداري کي الاٽ ڪرڻ خلاف مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار کهڙي جي رٿ بحث لاءِ منظور ڪئي وئي آهي، جنهن تي بحث جمعي ڏينهن ٿيندو.

نثار کهڙي پنهنجي رٿ ۾ چيو ته اها صورتحال انتهائي خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي آهي ته سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ 2 ٻيٽن جي 12 هزار ايڪڙ زمين گڏيل عرب رياستن جي هڪ ڪمپني کي ڏني پئي وڃي. سنڌ جي بين الصوبائي رابطن واري وزير شڪايت ڪئي آهي ته ان فيصلي جي سنڌ حڪومت کي ڄاڻ ناهي. وڏي وزير جو بيان ڇپيو آهي ته ان سلسلي ۾ کيس اعتماد ۾ نه ورتو ويو هو.

اهي به خبرون آيون آهن ته وڏي وزير کي چيو ويو آهي ته اهو اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃي قانون واري وزير چوڌري افتخار احمد ان رٿ جي مخالفت نه ڪئي ۽ چيو ته وڏي وزير جو ان معاملي تي موقف چٽو آهي، ان جي باوجود مخالف ڌر ان معاملي تي بحث ڪرڻ چاهي ٿي ته اسين بحث لاءِ تيار آهيون. اسپيڪر اعلان ڪيو ته اها رٿ بحث لاءِ منظور ڪئي وڃي ٿي ۽ ان تي بحث جمعي تي ٿيندو.