سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وچ ۾ ويڙه سبب ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل

وڪي اخبار کان

8 نومبر 2006

سنڌ اسيمبلي جو ڪلهوڪو اجلاس پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي جهيڙي جي ور چڙهي ويو. ڌرين هڪٻئي ته ذميواري عائد ڪئي آهي.

ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ بعد هوڪرا ۽ اُلرون ڪيون ويون. ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ڪوشش باجود ماحول کي ٺارڻ ۾ ناڪام رهيو.

جهيڙي شروع ٿيڻ کان پوءِ سمورو وقت ايوان مڇي مارڪيٽ بڻيو رهيو. آخر تائين ٻنهي ڌرين مان ڪنهن به پنهنجو پاڻ کي گهٽ نه سمجهندي سنڌ اسيمبليءَ جو مانُ نه رکيو ۽ سلسلي کي جاري رکيو.

اسيمبلي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻنهي ڌرين ايوان ۾ متل هنگامي جي ذميواري ٻي ڌر تي هڻي اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پاڻ بنهه شرافت جو مظاهرو ڪري رهيا هئا.

ذريعا