سنڌ جي ٻيٽن کي وڪرو ڪرڻ جو اختيار پورٽ قاسم اٿارٽي وٽ نه آهي، ماهيگير تحريڪ

وڪي اخبار کان

ماهيگير تحريڪ جي هڪ مذاڪري ۾ شرڪت ڪندڙ ڌرين چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جا ٻيٽ ڏنگي ۽ بڊار پورٽ قاسم اٿارٽي جا آهن تڏهن به انهن کي وڪري جو اختيار نه آهي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ان ڳالهه جا ڪي قانوني ثبوت نه آهن ته پورٽ قاسم اٿارٽي پنهنجي پورٽ سرگرمين لاءِ اهي ٻيٽ سنڌ سرڪار کان خريد ڪيا هئا ۽ هونءَ به انهن کي ڪاروباري سرگرميءَ لاءِ وڪرو نٿو ڪري سگهجي.

مذاڪري ۾ چيو ويو ته انهن جي وڪري جي سنڌ سرڪار کي پڻ ڄاڻ نه هئي، اهي ٻيٽ وفاقي سرڪار بنا سنڌ جي ڌرين جي صلاح جي وڪرو ڪيا آهن. سنڌ جي حڪومت وفاقي سرڪار جي فيصلي اڳيان جُهڪي وئي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان ريلويز پڻ سنڌ جا پَٽَ ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ۽ وڪرو ڪندي رهي آهي، جيڪي سنڌ حڪومت صرف ريلويز جي ضرورتن لاءِ مفت ڏنا هئا.

ذريعا