سنڌ جي گورنر خلاف سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم پاران پٽيشن، هاءِ ڪورٽ پاران وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان وضاحت طلب

وڪي اخبار کان

20 نومبر 2006

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي گورنر طرفان 22 رڪني ڪميٽي مقرر ڪرڻ خلاف سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم طرفان پٽيشن تي هاءِ ڪورٽ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم پاران ايڊوڪيٽ يوسف لغاري جي ذريعي پٽيشن ۾ 22 رڪني ڪاميٽي کي غير آئيني ۽ غير قانوني سڏيندي موقوف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي گورنر وٽ صوبي جو ڪاروهنوار هلائڻ جو اختيار نه آهي گورنر وڏي وزير جي اختيارن کي اورانگهيو آهي، جنهنڪري گورنر جي کنيل قدمن کي هڪدم رد ڪيو وڃي.

ذريعا