سنڌ حڪومت طرفان مالڪي جي دعويٰ بعد وفاقي وفد ٻيٽن جي جائزي لاءِ پهچي ويو، مهاڻن جو زبردست احتجاج

وڪي اخبار کان

Cautionهي خبر تڪراري آهي ڇاڪاڻ ته خبر جا ذريعا يا حوالا نه ڏنا ويا آهن.


سنڌ حڪومت طرفان مالڪي جي دعوا بعد وفاقي وفد ٻيٽن جي جائزي وٺڻ لاءِ پهچي ويو. مهاڻن زبردست احتجاج ڪندي مزاحمت جو اعلان ڪيو. ڪالهه سينيٽر نثار ميمڻ جي اڳواڻي ۾ وفاقي وفد ابراهيم حيدري لڳ سامونڊي ٻيٽ ڀنڊاڙ جي دوري تي پهتو ته سوين مهاڻا گڏ ٿي ويا. جن سخت احتجاج ڪندي حڪومت خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر نثار ميمڻ چيو ته ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ کان اڳ ماهيگيرن جي مسئلن ۽ سموري صورتحال جو جائزو وٺي پوءِ ڪو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته هن مسئلي جا ٻيا به ڪيترائي پاسا آهن. جن ۾ ماهيگيرن جي روزگار جو مسئلو ۽ انهن جا جيڪي خدشا آهن انهن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ انهن سمورين ڳالهين جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪو به فيصلو نه ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته ڊفينس جي حوالي سان به ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري مسئلي جو جائزو ورتو پيو وڃي. انهي موقعي تي فشر فوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاهه، سينيٽر نثار ميمڻ اڳيان سنڌ جي ماهيگيرن جو موقف پيش ڪندي چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ماهيگيرن جي تاريخي ملڪيت آهن ۽ انهن ٻيٽن تي نوان شهر اڏي ماهيگيرن جو معاشي قتل عام ۽ انهن جي سمنڊ اندر رستا روڪ ڪرڻ جي سازش آهي. هن چيو ته ٻيٽ ڌارين جي حوالي ڪري نوان شهر اڏڻ سان سنڌ جا لکين ماهيگير بيدخل ٿيندا ۽ انهن جي روزگار جا وسيلا کسيا ويندا. هن چيو ته ٻيٽ ڌارين جي حوالي ڪري انهن تي شهر اڏڻ خلاف فشر فوڪ فورم پاران تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هن گهر ڪندي چيو ته ٻيٽن تي شهر اڏن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. ٻيٽن جي دوري دوران شفيع محمد ڄاموٽ، اڳوڻو صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ، ابرار قاضي، سيد خدا ڏنو شاهه، ذوالفقار هاليپوٽو، ڊاڪٽر نظير شيخ ۽ ٻيا به موجود رهيا.