سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي خلاف مظاهرا جاري، حيدرآباد ۾ ابراهيم جويي ۽ آريسر جي اڳواڻي ۾ احتجاج

وڪي اخبار کان
فائل:Sindhtvprotest.jpg
سنڌ ٽي وي جي پابندي خلاف مظاهرن جو ڏيک (فوٽو: هلچل)

16 نومبر 2006

سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ“ ٽي وي تي پيمرا طرفان پابندي خلاف حيدرآباد ۾ سنڌ جي جهوني دانشور محمد ابراهيم جويي، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

اها ريلي پريس ڪلب کان اولڊ ڪيمپس تائين جاري رهي. ان احتجاجي ريلي ۾ ابراهيم جويي ۽ آريسر کان سواءِ تاج جويو، ايوب شر، ليلا لطيفي ۽ ٻين ڪيترين ئي ناميارين شخصيتن شرڪت ڪئي. مظاهرين پابندي واري فيصلي جي مذمت ڪندي گهر ڪئي ته سنڌ ٽي وي جي نشريات تان فوري طور پابندي هٽائي وڃي.

ٻئي طرف سموري سنڌ ۾ پابندي خلاف احتجاجن ۽ هڙتالن جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي، دادو، ميهڙ، سيتا روڊ، سيوهڻ، قاضي احمد، بدين سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي خلاف احتجاجي مظاهرا، هڙتالون ۽ ڌرڻا هنيا ويا.

ذريعا