سنڌ ٽي وي نشريات جي بحالي سنڌين جي جدوجهد جو نتيجو آهي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ٽي وي نشريات جي بحاليءَ جي خوشي سنڌ سميت پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌين کي پڻ ٿي آهي.

اهڙو اظهار ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر حليم ڀٽي، سيڪريٽري جنرل لکومل لوهاڻو، انفارميشن سيڪريٽري مالڪ ڏنو شيخ، فنانس سيڪريٽري روبينا شيخ، ميمبر ايگزيڪٽو ڪاميٽي ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، ستار زنگيجو، رحمان ڪاڪيپوٽو، امبرين هيسباڻي ۽ ٻين ڪيو.

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نالي سان منسوب سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي بحالي سنڌي ماڻهن جي جدوجهد جو نتيجو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻولي ۽ ان جي ادارن سان ڪيترو پيار ڪن ٿا.

ذريعا

  • ورلڊ سنڌي ڪانگريس (پريس ريليز)