سنڌ ڊيموڪريٽس فورم طرفان پ پ چيئرپرسن بي نظير ڀٽو کي سنڌ جي حقن واسطي کليل خط روانو

وڪي اخبار کان

سنڌ ڊيموڪريٽس فورم طرفان بينظير ڀٽو کي هڪ کليل خط ذريعي سنڌ جي حقن بابت تحرڪ وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خط ۾ 1940ع واري قرارداد مطابق صوبن کي حق ڏيڻ بابت جدوجهد لاءِ پڻ زور ڀريو ويو آهي.

کليل خط ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جي پارٽي سنڌ جي حقن جي حوالي سان ناڪام ٿي چڪي آهي. اهو خط ابرار قاضي ۽ ذوالفقار هاليپوٽو جي صحيح سان اماڻيو ويو آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پ پ وٽ سنڌي ماڻهن جو ڳرو مينڊٽ هوندو آهي ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي حقن کي اوليت ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ پنهنجي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي.

خط ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ جا ٻيٽ وڪڻي سنڌ سان ناانصافي ڪئي آهي جنهن تي تحرڪ وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ٻيٽ سنڌي ماڻهن جي راضپي کان سواءِ پرڏيهي ڪمپنيءَ حوالي ڪيا پيا وڃن.

آخر ۾ چيو ويو آهي ته سنڌي ماڻهو گذريل چاليهه سالن کان پ پ کي ووٽ ڏيندا پيا اچن. هاڻ سنڌي ماڻهن جون نظرون اوهان جي پارٽي ۽ اوهان ۾ اميد رکن ٿيون.

ذريعا