سنڌ کي مڪمل اختيار کپن، ڪراچي جا ٻيٽ سنڌ جا آهن کسجڻ نه ڏينداسين، جلال محمود شاه

وڪي اخبار کان

17 ڊسمبر 2006

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراه جلال محمود شاه چيو آهي ته سنڌ کي مڪمل اختيار کپن، ڪراچي جا ٻيٽ سنڌين جي ملڪيت آهن انهن کي ڪنهن به صورت ۾ کسجڻ نه ڏينداسين.

ڄامشورو ۾ ڪوٺايل پارٽي جي جلسي عام کي خطاب ڪندي جلال شاه وڌيڪ چيو ته اسين پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڳالهه نٿا ڪريون پر سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي.

هن جلسي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي گهرجي ته هو سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ۽ انهن کي پنهنجي اڳئين سڃاڻپ ختم ڪرڻ گهرجي.

جلسي ۾ عورتن جي وڏي تعداد پڻ شرڪت ڪئي، جلال محمود شاه پنهنجي خطاب دوران اردو ۾ پڻ ڳالهايو.

ذريعا