سنڌ ڪالاباغ ڊيم کي ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ لاءِ تيار نه آهي، سنڌي ميڊيا

وڪي اخبار کان

23 آڪٽوبر 2006

سنڌي پريس هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالاباغ ڊيم کي سنڌ لاءِ هاڃيڪار ۽ ڪارو نانگ ڪري سڏيو آهي. ياد رهي ته وفاقي سرڪار ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن لاءِ زمين خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌي ميڊيا گڏيل طور تي ”نه“ جي صدا بلند ڪئي آهي، سنڌي اخبار ”ڪاوش“ لکيو آهي ته سنڌ ۽ سرحد جي سخت احتجاج کي يڪسر نظرانداز ڪيو ويو آهي. انهن منصوبن جي فيزبلٽي رپورٽ تيار نه آهي تڏهن به زمينن جي خريداري جهڙا فيصلا ڪيا پيا وڃن.

عوامي آواز لکيو آهي ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن ملڪ جا فيصلا غير آئيني، غير قانوني ۽ غير جمهوري طريقي سان ڪيا پيا وڃن. ماڻهن جو آواز نه پيو ٻڌو وڃي.

روزاني سنڌو ۽ ڪوشش لکيو آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي احتجاجن ذريعي انهن پروجيڪٽن جي سخت مخالفت ڪري چڪا آهن پر حڪمران اهو آواز ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن.

ذريعا