سنڌ ۾ خالي پيل 12500 آساميون ختم، نيون جايون پيدا ڪرڻ تي به پابندي

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ذريعا نه لکيا ويا آهن ته هي خبر ڪٿان کنئي وئي، حوالا لکي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو.


سنڌ حڪومت چيو آهي ته صدر مشرف جي مالي ۽ انتظامي سڌارن واري پروگرام تحت سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ سالن کان خالي پيل ساڍا، 12 هزار آساميون پيدا ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت تعليم ۽ صحت کاتن ۾ آساميون ڀرڻ وقت عالمي بئنڪ جي هدايتن تي مڪمل طور عمل ڪندي. سنڌ حڪومت اهڙي خاطري سنڌ جي دوري تي آيل عالمي بئنڪ جي مشن کي ڪرائي آهي، جنهن بعد عالمي بئنڪ جي مشن سنڌ حڪومت کي خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ حڪومت کي مختلف شعبن ۾ قرض ڏيڻ لاءِ بئنڪ جي بورڊ کي سفارش ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت پاران عالمي بئنڪ کي ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ وسيلن سان مالا مال هئڻ جي باوجود مالي طور تي غريب صوبو آهي. پاڪستان جو 90 سيڪڙو عالمي ڪاروبار سنڌ مان ٿئي ٿو. 4474 وڏا ڪارخانا سنڌ ۾ قائم آهن. جن جو جي ڊي پي ۾ حصو 43 سيڪڙو آهي.

سنڌ جي زراعت جو جي ڊي پي ۾ حصو 23 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ 15 سيڪڙو، ڪپهه 42 سيڪڙو، ڪمند 31 سيڪڙو، مڇي 70 سيڪڙو، چوپايو مال 28 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سنڌ مان تيل 20.3 ملين بيرل پيدا ٿئي ٿو، جيڪو ملڪي پيداوار جو 62 سيڪڙو آهي. سنڌ مان 81.8 ملين ڪيوبڪ گئس نڪري ٿي، جيڪو ملڪي پيداوار جو 48 سيڪڙو آهي. ملڪ جي بجلي جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 39 سيڪڙو آهي. مختلف اڀياسن مان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ 282 ارب ٽن ڪوئلو موجود آهي. ملڪ جي مجموعي آمدني ۾ سنڌ جو حصو 63 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ 46.6 سيڪڙو انڪم ٽيڪس 80 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي، 35 سيڪڙو سينٽرل ايڪسائيز ڊيوٽي شامل آهي. عالمي بئنڪ کي ٻڌايو ويو ته ايترا وسيلا هئڻ جي باوجود سنڌ اڃا تائين 126 ارب رپين جي قرضي آهي. سنڌ کي ملندڙ حصي ۽ صوبائي آمدني مان 45 سيڪڙو پگهارن جي ادائيگي، 16 سيڪڙو قرضن جي ادائيگي، 25 سيڪڙو سوشل سيڪٽر تي خرچ ٿئي ٿو، يا ٻين لفظن ۾ سنڌ جي آمدني 90 سيڪڙو اسٽبلشمينٽ خرچن ۽ 10 سيڪڙو آپريشنل خرچن تي خرچ ٿئي ٿي، جنهن ۾ صحت ۽ تعليم جا شعبا به شامل آهن.

عالمي بئنڪ کي ٻڌايو ويو ته سنڌ اربين رپين جون رٿائون شروع ڪيون آهن، پر فنڊن جي کوٽ ڪري انهن تي عمل درآمد ممڪن ناهي. سنڌ حڪومت موجب ساڍا 5 هزار اسڪول بند آهن. 35 سيڪڙو ايليمينٽري اسڪول عمارتن ۽ 55 سيڪڙو ماڻهو پيئڻ جي پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري سهوليت کان محروم آهن. سنڌ حڪومت اعتراف ڪندي چيو آهي ته خريداري، ڀرتين، بدلين ۽ مقررين وارو عمل شفاف ناهي، جيڪو گڊ گورننس جي نشاندهي نه ٿو ڪري. سنڌ حڪومت چيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي ٻهرارين ۾ فقط 10 سيڪڙو آبادي کي دستياب آهي، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ گندي پاڻي جو نيڪال فقط 7 سيڪڙو آهي. سنڌ حڪومت جي بريفنگ بعد عالمي بئنڪ سنڌ حڪومت جي سڌارن واري پروگرام کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت کي مختلف شعبن ۾ قرض فراهم ڪرڻ لاءِ بورڊ کي سفارش ڪئي ويندي.