سنڌ ۾ 10 لک ايڪڙن تي فصلن کي نقصان پهتو، سانگهڙ ۾ 70 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، حڪومت جو اعتراف

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر جا ذريعا يا حوالا ۽ ڪابه ڪيٽگري لکيل نه آهي، خبر جا ذريعا ۽ ڪيٽگري لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو.


وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڪپهه، چانورن ۽ ڪمند جي رڪارڊ پيداوار جي دعوا ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ملڪي ضرورتن کان وڌيڪ ٿيندي تنهن ڪري عيد کانپوءِ سرپلس ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو جڏهن ته ان ڳالهه جو پڻ اقرار ڪيو ويو ته سنڌ ۾ 6 لک 40 هزار 2 سئو 24 ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جي فصل کي شديد، 3 لک 72 هزار 9 سئو ايڪڙن تي بيٺل فصل کي ڪجهه گهٽ ۽ 3 لک 75 هزار 73 ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه جي فصل کي معمولي نقصان رسيو آهي.

سانگهڙ ضلعي ۾ 50 کان 70 سيڪڙو فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. اهي ڳالهيون زراعت بابت وفاقي ڪميٽي جي 85هين اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي خوراڪ ۽ زراعت جي وفاقي وزير سڪندر حيات ٻوسڻ ڪيون. اجلاس ۾ چئني صوبن جي زراعت وارن وزيرن توڙي، سيڪريٽري، ارسا، مختلف بينڪن، وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي عملدارن، منفال جي سيڪريٽري محمد اسماعيل قريشي، ايگريڪلچر ڊولپمينٽ ڪمشنر ڊاڪٽر قادر بخش بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ خريف جي فصلن جو جائزو، ربيع جي مند لاءِ پاڻي، معياري ٻج، ڀاڻ، دوائن سوڌو ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻين فصلن جا حدف مقرر ڪرڻ تي ويچار ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ڪمند جي پيداوار 51.8 ملين ٿي آهي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن ٻڌايو ته چانورن جي پيداوار ۾ به تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ 54 ملين ٽن ٿي آهي هن ٻڌايو ته ڪپهه جي پيداوار بابت صوبن سان اڄ پهريون اجلاس ٿيو آهي پر ڪپهه جي پيداوار جا حتمي انگ اکر 2007ع ۾ ئي سامهون ايندا. پهريون اندازو اهو آهي ته ڪپهه جي پيداوار 12.4 ملين ڳٺڙيون ٿيندي جيڪا وڌي سگهي ٿي. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي وارن علائقن ۾ برسات پوڻ جي ڪري ڪپهه جي فصل کي نقصان رسيو آهي جڏهن ته ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ ڪپهه جي اپت وڏي پيماني تي متاثر ٿي آهي. هن چيو ته چوپائي مال ۽ ماهيگيري جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. سوڪهڙي ختم ٿيڻ سبب چارو وڌي ويو آهي. چوپائي مال جا اگهه به وڌن پيا. هن ٻڌايو ته مال پالڻ جا 25 کان 26 سئو نوان فارم پڻ کوليا ويندا. هن چيو ته گذريل سال کان 3 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي دستياب آهي. هن چيو ته ڪڻڪ لاءِ تصديق ٿيل بج به دستياب آهي اسان وڌيڪ انقلاب 91 ٻج ڪندا هئاسين اڳ اهو 70 سيڪڙو بج استعمال ٿيندو هو هاڻي ٻيا ٻج به پوکجن پيا، اسان تجويز ڪيو آهي ته پوٽوهار ۽ سرحد صوبي ۾ انقلاب 91 بج نه پوکيو وڃي هن جو چوڻ آهي ته حڪومت زرعي دوائن جا اگهه گهٽايا آهن ۽ اسان هڪ هٽي ختم ڪري ڇڏي آهي. هن ٻڌايو ته گذريل سال 130 ارب روپيا قرض جو حدف رکيو ويو هو پر هن سال 136 ارب روپيا ڏنو ويو آهي ۽ هن سال 160 ارب روپيا قرض ڏيڻ جو حدف رکيو ويو آهي. هن سال سڀئي بينڪون چوپائي مال جي شعبي ۾ قرض وڌائينديون. ربيع جي مقرر ڪيل حدف بابت هن ٻڌايو ته ڪڻڪ جو حدف 2 ڪروڙ 25 لک ٽن مقرر ڪيو ويو آهي ، پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 78 لک ٽن، سنڌ ۾ 27 لک 50 هزار ٽن، سرحد 12 لک 50 هزار ٽن ۽ بلوچستان ۾ 7 لک ٽن ڪڻڪ جي پيداوار جو حدف حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪ جي ضرورت 2 ڪروڙ 15 لک ٽن آهي جڏهن ته اسان وٽ 20 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت اڃان تائين ڪڻڪ جي برآمد جو فيصلو نه ڪيو آهي پر عيد کانپوءِ اسان ڏسنداسين ته جيڪڏهن ڪڻڪ سر پلس هوندي ته اها ايڪسپورٽ ڪنداسين ۽ ان حوالي سان بعد ۾ ئي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪڻڪ ۽ اٽي جو اگهه سڄي خطي ۾ اسان وٽ گهٽ آهي. هن ٻڌايو ته گذريل سال مختلف دالين جي پيداوار جو وڏو مسئلو ٿيو هو پر هن سال مڱن جي دال جي پيداوار وڌي آهي ۽ اميد ته ايندڙ سال وري مسئلو پيدا نه ٿيندو. هن ٻڌايو ته موسميات کاتي آگاهي ڏني آهي ته ايندڙ ربيع جي مند ۾ برسات ۽ برف باري 25 سيڪڙو وڌيڪ ٿيندي. هن ٻڌايو ته ملڪ جي 80 ضلعن ۾ اسان ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر ڀرتي ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته زرعي پيدوار ۾ مثبت واڌ ٿي آهي ڪمند جي 51.8 ملين ٽن پيداوار رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل سال کان 16 سيڪڙو وڌيڪ آهي.