سکر جي چوڌري حسن علي جي حويلي تي ڇاپو، هاريءَ جو خاندان بازياب ڪرايو ويو
ڏيک
10 نومبر 2006
سکر جي عدالت جي حڪم تي چوڌري حسن علي جي حويلي تي ڇاپو هڻي هڪ هاريءَ جو سمورو خاندان بازياب ڪرايو ويو آهي. اهڙو حڪم نامو عدالت هاري اڪرم ڀٽي جي پٽيشن تي جاري ڪيو.
مذڪوره حويلي يا نجي جيل مان هاري جي خاندان جا فرد بازياب ڪرايا ويا جن ۾ اڪرم جي زال صفيه، چئن سالن جي ڌي راڻي، ٻن سالن جو پٽ امين ۽ پيرسن پيءُ ميمون ڀٽي شامل آهن.
چوڌري جو چوڻ هو ته مذڪوره هاري سندس ٽن لکن جو قرضي آهي، اهڙي ثبوت نه ملڻ تي عدالت چوڌري تي صرف ٻه هزار رپيا ڏنڊ وڌو. پوليس کي حڪم جاري ڪيو ويو ته اڪرم جو خاندان جتي چاهي انهن کي اتي بحفاظت پهچايو وڃي.