صوبن ۾ پاڻي ذخيرا گڏيل راضپي سان ٺاهڻ تي اتفاق، پنجاب ڪالاباغ ڊيم جي هوڏ تي قائم

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ڪيٽگريز صحيح طور ڏنل نه آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي. نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ درستگين جي ضرورت آهي.


سنڌ ۽ سرحد چيو آهي ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ وڏا ڊيم ٺهڻ گهرجن جڏهن ته پنجاب ڪالاباغ ڊيم قائم ڪرڻ واري هوڏ تان نه لٿو، ارسا پاران پاڻي جي کوٽ ۾ ننڍن صوبن کي آجو قرار ڏيڻ ارسا قانون جي کلي ڀڃڪڙي آهي.

سکر بئراج ۽ تونسا بئراج جي مرمت ٿيڻ تي اربين روپيا خرچ ڪيا ويا. پاڻي جا ذخيرا صوبن جي گڏيل رضا مندي سان جوڙڻ تي اتفاق راءِ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم سائيٽ جي ٻيهر ماحولياتي جاچ ڪرائڻ ۽ پاڻي جي ورڇ ۾ شفاف طريقو اختيار ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.

پاڻي جي تقسيم جا مسئلا ۽ پاڪستان ۾ ان جي انتظام بابت اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاران سڏايل ٻن ڏينهن واري سيمينار کي خطاب ڪندي پنجاب جي آبپاشي واري سيڪريٽري ڪيپٽن عارف نديم چيو ته ارسا هڪ واضح حقيقت آهي جيڪا 1991 کان پاڻي جي شفاف وسيلي سان فراهمي لاءِ جاکوڙي رهي آهي.