صوماليه ۾ ندي جا بند ٽٽڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال، ست ماڻهو فوت، ڪيترو ئي چوپايو مال لڙهي ويو
ڏيک
22 نومبر 2006
صوماليه ۾ هڪ ندي جا بند ٽٽڻ سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اندازي مطابق ست ماڻهو وڌيڪ فوت ٿي ويا آهن جنهن ۾ هڪ ٻار پڻ شامل آهي. ڪينيا مان پڻ ڇهن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ذريعن مطابق ڪيترو ئي مال لڙهي ويو آهي. جڏهن ته ٻوڏ سبب 3 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ڪيترين ئي عمارتن جي تباهه ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، متاثر ماڻهن تائين امداد پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ذريعن مطابق خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته جاني نقصان وڌي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته تيز برسات اڃا تائين ٿي رهي هئي.