طالبان جي حملن ۾ تيزيءَ تي آمريڪا کي حيراني، طالبان لاءِ پاڪستان پناه گاه آهي، آمريڪا

وڪي اخبار کان

9 نومبر 2006

هن سال طالبان جي افغان حڪومت ۽ اولهه جي فوجن تي حملن ۾ تيزيءَ آمريڪا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. طالبان منشيات جي پيسي ۽ پاڪستان کي پنهنجي پناهگاه طور استعمال ڪندي مضبوط ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار آمرڪي اڳواڻ رچرڊ بائوچر ڪيو آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته طالبان وٽ پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪاروائين ڪرڻ جي قابليت موجود آهي. ٻئي طرف افغانستان جي سينئر اڳواڻن پاڪستان تي الزام هڻندي چيو آهي ته طالبان کي پاڪستان مان سکيا ۽ پيسو ملي رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ان الزام کي اڳ ئي رد ڪري چڪو آهي.

ذريعا