طالبان جي وڌندڙ طاقت کي منهن ڏيڻ لاءِ 2008ع تائين افغاني فوج جو تعداد ٻيڻو ڪرڻ جي آمريڪي رٿا

وڪي اخبار کان

22 نومبر 2006

طالبان جي وڌندڙ طاقت کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا جو پلان آهي ته 2008ع تائين افغاني فوج جي تعداد کي ٻيڻو ڪيو وڃي ۽ پوليس کي پڻ جديد ٽڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي.

پينٽاگون ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ليفٽنينٽ جنرل ڪارل ايڪنبري چيو آهي ته افغان جي جنگ ۾ خطرا اڳي کان وڌي ويا آهن افغان ۽ آمريڪي وزارت دفاع ۽ وزارت داخله گڏجي منصوبه بندي تي ويچاريو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته افغان سيڪيورٽي فورسز کي مضبوط بنائڻ سان ئي ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي. منصوبي مطابق 35 هزار فوج جي تعداد کي 2008ع تائين ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ پوليس پڻ وڌائي 62 هزار ڪئي ويندي.

ذريعا