عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 7 پرڏيهي فوجي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

13 نومبر 2006

عراق ۾ حملن ۽ تشدد جي مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 پرڏيهي فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.

ذريعن مطابق عراق جي ڏاکڻي علائقي ۾ هڪ ٻيڙيءَ تي حملي جي نتيجي ۾ چار برطانوي فوجي مارجي ويا. جڏهن ته عراق جي صوبي الانبار ۾ ٿيل ويڙهه ۾ ٽي آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن.

عراق ۾ مارجي ويل برطانوي فوجين جو ڪل تعداد هاڻي 125 ٿي ويو آهي. چيو ويو آهي ته اهو برطانوي گشتي ٻيڙيءَ تي پنهنجي نوعيت جو پهريون اهڙو حملو هو.

ذريعا